ڪراچي (شوبز نيوز) عاطف اسلم جي پٽ ڪنسرٽ دوران والد جو مشھور ڪلام تاجدارِ حرم ڳائي مداحن کان داد حاصل ڪيو جنھن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي مقبول ٿي رھي آھي. سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي مشھور ڳائڻي عاطف اسلم جي ڪنسرٽ جي ھڪ وڊيو وائرل ٿي رھي آھي آھي جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ ھن جو پٽ احد ڳائڻن سان گڏ اسٽيج تي موجود آھي. عاطف پنھنجي پٽ کان مقبول گيت تاجدارِ حرم جا ڪجھھ شعر پڙھائي رھيو آھي ۽ گڏوگڏ پاڻ بھ پنھنجي پٽ سان گڏ آواز ملائي ڪلام پڙھي رھيو آھي. عاطف اسلم پنھنجي پٽ جا ٿورا مڃيندي مداحن کي ٻڌايو تھ ھي پھريون ڀيرو مونسان ڪنھن اسٽيج تي گڏجي ڳائي رھيو آھي.