لاھور (اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شھزاد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳيان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو. لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي احمد شھزاد چيو تھ منھنجي باري ۾ ماضيءَ جي ٽيم مينيجمينٽ جيڪا رپورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ جمع ڪرائي ۽ جنھن جي بنياد تي مونکي ٽيم کان پري رکي نقصان پھچايو ويو آھي اھا رپورٽ عوام اڳيان آندي وڃي. ھن چيو تھ عوام کي ٻڌايو وڃي تھ احمد شھزاد ھي غلطيون ڪيون آھن ۽ پوءِ منھنجي وضاحت بھ ورتي وڃي ۽ ان کانپوءِ اختياريون فيصلو ڪن. احمد شھزاد چيو تھ مان سمجھان ٿو تھ منھنجي باري ۾ ماضيءَ ۾ جيڪا رپورٽ ڏني وئي ان سان منھنجي ڪيريئر کي نقصان پھتو. ھن چيو تھ بس مان چاھيان ٿو تھ رپورٽ کي پبلڪ اڳيان آندو وڃي جنھن سبب مونکي ٽيم کان ٻاھر ڪيو ويو.