اسلام آباد: ذريعن مطابق اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪالهه وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ 15 جون تي ٿيل اجلاس اندر هنگامي بابت رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ وفاقي وزيرن، حڪومتي ۽ اپوزيشن جا 50 کان وڌيڪ ميمبرن جا نالا شامل هئا، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ وڊيو رڪارڊنگ ڏسڻ کان پوءِ 50 ميمبرن جي ايوان ۾ آمد تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي هئي، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن کي بي قصور قرار ڏنو ۽ چيو ته وزيرن جي موقف سان اتفاق ڪريان ٿو، ماحول خراب ڪرڻ جي شروعات اپوزيشن ڪئي، حڪومتي وزيرن ۽ ميمبرن کي ڀڙڪايو ويو، توهان مٿان بهتر انداز سان اجلاس هلائڻ جي ذميواري آهي، حڪومت ايوان جي ماحول کي پرامن رکڻ لاءِ توهان سان سهڪار ڪندي، ذريعن مطابق وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن تي ايوان اندر اچڻ تي پابندي جي مخالفت ڪرڻ کان پوءِ اسپيڪر رڳو 7 ميمبرن جي ايوان اندر اچڻ تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو، جنهن ڪري سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٽي وي تي واضح رڪارڊنگ هلڻ باوجود وفاقي وزير ۽ ڪيترائي ميمبر ڪارروائي کان بچي ويا.