اسلام آباد (م ڊ) روحيل اصغر شيخ پاران گار کي پنجاب جو ڪلچر چوڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي گندي سوچ ۽ ٻولي کي پنجاب جي ڪلچر سان نه جوڙيو، اسان جو ڪلچر مائرن ڀينرن جي عزت سيکاري ٿو، انهن جي نالي تي گاريون ڏيڻ اسان جي ڪلچر جو حصو ناهي، نواز ليگ قيادت کيس سمجهائڻ بدران حوصلا افزائي ڪري رهي آهي.