اسلام آباد: اپوزيشن پاران اسپيڪر کي لکت ۾ خط به اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش آيل واقعن جو ذميوار اسپيڪر کي قرار ڏنو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته 15 جون تي قومي اسيمبلي جي تاريخ ۾ بدنما واقعو پيشو آيو، اپوزيشن ليڊر جڏهن تقرير ڪري رهيو هو ان وقت حڪومتي وزيرن ۽ ميمبرن اپوزيشن ليڊر تي حملو ڪيو، بجيٽ بڪن جون ڪاپيون هنيون، گار گند ڪئي، اهڙي صورتحال دوران اسپيڪر صاحب اوهان صدارت ڪري رهيا هئا، ۽ اوهان ٽن مختلف وقتن تي ڪرسي ڇڏي اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪري هليا ويا، توهان ايوان جا محافظ ۽ ماحول ٺيڪ رکڻ جا ذميوار آهيو، بدقسمتي سان توهان اکيون بند ڪري ان پرتشدد صورتحال کي ڏسندا رهيا، خط ۾ چيو ويو ته اسپيڪر صاحب اوهان ايوان جا محافظ ۽ ڊيڪورم جا ذميوار آهيو، جيستائين اوهان ذميوارن جو تعين نٿا ڪريو اپوزيشن جو اوهان تي اعتماد نه هوندو، بدقسمتي سان وزيراعظم ايوان مان غيرحاضر ۽ خاموش آهي ايئن لڳي رهيو آهي ته حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن وزيراعظم جي اشاري تي حملا ڪيا، مخالف ڌر اسپيڪر جي غير جانبداري تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي 7 ميمبرن مٿان لڳايل پابندي کي هڪ طرفو فيصلو قرار ڏنو آهي.