اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وچم فون تي رابطو ٿيو  آھي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچم گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آھي وزير اعظم چيو آھي ته قطر ۾ موجود 2 لکن کان وڌيڪ پاڪستاني قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آھن، ٻئي طرف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزير اعظم شهباز شريف جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آئون پنهنجي ڀاءُ شيخ محمد بن زيد النهان جو ٿورائتو آھيان، يو اي اي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ پيو وڃي، ٻئي ملڪ پنهنجن گهڻ رخن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آھن