اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي شهيدن جي قربانين جو مذاق اڏائڻ ۽ انهن کي برو ڀلو چوڻ جي سوشل ميڊيا تي مهم نه رڳو شرمناڪ آهي پر خوفناڪ به آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تڪبراڻي ۽ منافقاڻي سياسي نظريي جو اهو ئي نتيجو آهي ته هي معصوم ذهنن ۾ زهر وجهي بد تهذيبي کي هٿي ڏيندو آهي، آخر اسان جو معاشرو ڪهڙي رخ وڃي رهيو آهي، اسان کي شدت سان خود احتسابي جي ضرورت آهي.