اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت آهي پر پي ٽي آءِ جو اهو جلسو سياسي حربو هوندو، جاري ڪيل بيان ۾ هن تحريڪ انصاف جي چيئرمين  عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان پنهنجي چوري تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو ايف آءِ اي سان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ ۾ تعاون نه ڪندو ان کي گرفتار ڪيو  ويندو، ايندڙ چونڊن کان پهريان نواز شريف ملڪ واپس اچي ويندو، جنهن جي تاريخ هو پاڻ ڏيندو، ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ جي مهم نواز شريف هلائيندو، 9 قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊ پي ٽي آءِ هاريندي، شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي رانا ثناءُ الله چيو ته عالمي بنارسي ٺڳ غير ملڪين سان غيرقانوني ڊالر وٺندي پڪڙيا ويا آهن، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس مان اهو معلوم ٿيو ته عمران نيازي جو ڪيترو گندو ڪردار آهي، پرڏيهي فنڊنگ جا مجرم 8 سالن کان قانوني ٽچ کان ڀڄي رهيا هئا، هر چوري پڪڙجڻ تي ڪوڙو عمران ۽ ان جي پرڏيهي ايجنٽ ڪمپني مڪاري ۽ فنڪاري ڪرڻ لڳندي آهي، شهيدن خلاف نفرت انگيز مهم هلائيندڙ گندا ۽ گهٽيا ڪردار آهن، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڪبر ايس بابر سچو ثابت ٿيو ۽ جعلي صادق الامين جي اصليت قوم سامهون واضح ٿي وئي، اسلامي ٽچ ڏيندڙ مڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻئي طرف فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس ري رد عمل ڏيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002ع تحت پرڏيهي فنڊ وٺندڙ پارٽي قرار ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت عمران خان 5 سال ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو، 8 سالن ۾ 11 ڀيرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائي چڪا آهن، 9 وڪيل تبديل ۽ 50 ڀيرا ٻڌڻيون ملتوي ڪري چڪا آهن، رانا ثناءُ الله جو خوف عمران خان کي هو، ان ڪري ان مٿان 20 ڪلو هيروئن جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، رانا ثناءُ الله جي خوف سبب 25 مئي تي عمران خان خيبر پختونخوا ڀڄي ويو، فواد چوڌري احتياط سٺي ڳالهه آهي اوقات تائين نه وڃو ته توهان لاءِ بهتر ٿيندو، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي  چڪو آهي، هاڻي قانون مطابق عمل ٿي رهيو آهي، 8 سالن ۾ توهان اڪائونٽن جو حساب نه ڏنو هاڻي ڪنهن جواب جي ضرورت ناهي، هاڻي پرڏيهي ايجنٽ عمران خان، پرڏيهي فنڊ وٺندڙ پارٽي جو ڪوڙ، فراڊ ۽ تماشو ختم ٿي ويو آهي.