اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊن جي نگراني ڪندڙ غير سياسي تنظيم فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) پارليامينٽ ۽ سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي سياسي پارٽين جي مالياتي مامرن بابت قانوني شقن کي وڌيڪ موثر بڻائن ته جيئن چونڊن ۾ پيسي جي عمل دخل کي گهٽ ڪري سگهجي، پيسي جي عمل دخل ڪري ملڪ جي اڪثريتي آبادي اليڪشن وڙهڻ جي حق کان عملي طور محروم آهي، جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجوده ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر موجود سموريون سياسي پارٽيون اهم چونڊ سڌارن سان گڏ چونڊن ۾ پيسن جي استعمال  بابت چونڊ سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪن، موجوده چونڊ قانون اليڪشن  ايڪٽ 2017ع ۾ چونڊ خرچن بابت قانون ناڪافي هجڻ سبب 2018ع جي عام چونڊن ۽ ان کان پوءِ ٿيل ضمني چونڊن توڙي بلدياتي چونڊن ۾ پيسن جو کلي طور استعمال ۽ اثر واضح نظر اچي ٿو.