لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ 2009ع جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ کانپوءِ تڏوهوڪي ڪپتان يونس خان جو هڪ قصو ٻڌائيندي لڙڪ لاڙي ويٺو. هڪ پروگرام دوران اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق 2009ع جي فائنل بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ وقت ڪريز تي شعيب ملڪ ۽ لالو (شاهد آفريدي) موجود هئا جنهن کانپوءِ يونس خان کي بيٽنگ لاءِ وڃڻو هو. ميزبان فخرِ عالم جي سوال تي شعيب ملڪ به هڪ قصو ٻڌايو جيڪو ٻڌائيندي هو پنهنجن ڳوڙهن کي نه روڪي سگهيو. شعيب چيو ته جڏهن ته 2009ع جو فائنل کٽيو ته يونس خان مون کي سڏايو ۽ چيو ته تون ٽرافي پڪڙيندين، ۽ اهو مون لاءِ انتهائي خاص ۽ خوبصورت لمحو هو. قومي ڪرڪيٽر قصو ٻڌائيندي روئي ويٺو، شعيب ملڪ جي اها ڪلپ سوشل ميڊيا تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدار يونس خان جي اهڙي عمل کي ساراهي رهيا آهن.