لاهور (شوبز نيوز) ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ سندس زال ثانيا مرزا هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ گڏجي ميزباني ڪندا. “ دي مرزا ملڪ شو” نالي اهو پروگرام پاڪستاني چينل اردو فليڪس آفيشل تي نشر ٿيندو.  گڏجي شو ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ جوڙي وچ ۾ طلاق جا افواهه في الحال ختم ٿي ويا آهن. ڄاڻايل چينل طرفان زال مڙس جي شو جو پوسٽر به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو آهي. پوسٽ جو عنوان لکيو ويو آهي ته “دي مرزا ملڪ شو”  تمام جلد صرف فليڪس تي هوندو. اهڙي پوسٽ شيئر ٿيڻ کان پوءِ زال مڙس جي مداحن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي.