ميلبورن ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اهم اعزاز کسي ورتو آهي. آهي. انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلش بيٽر هيري بروڪ کي آئوٽ ڪري شاداب پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو آهي. شاداب خان 80 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ 98 وڪيٽون وٺي چڪو آهي جيڪي ڪنهن به پاڪستاني بالر جون ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون آهن. ان کان اڳ اهو اعزاز اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وٽ هو، جنهن 98 ميچن ۾ 97 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.