دادو (رپورٽر ) واهي پانڌي ۾ ايس ايچ او پاران صحافي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ واهي پانڌي ٿاڻي جي ايس ايڇ او گلزار خشڪ پاران ڪوريج دوران پنهنجي اخبار جي رپورٽر عابد لاشاري جو موبائيل سيٽ ڀڃي ڌڪا ٿيلها ڏيڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف عابد لاشاري پاران سيڪشن 22 ، اي بي تحت ايس ايڇ او واهي پانڌي تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء سيشن جج دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ، جنهن تي عدالت ڌرين کي 13 ، آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.