گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ۾ وڪيل انور ٻپڙ کي سندس گهرواريءَ جي اغوا ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن منظور احمد سومرو، ارشاد علي سومرو، لال بخش گهوٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار شهبان ٻپڙ، عارب ٻپڙ پنهنجي ساٿين سان گڏجي وڪيل انور ٻپڙ کي سندس گهرواري سوهانا ٻپڙ جي اغوا ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ گهر تي حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. وڪيلن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن ۽ سندس ساٿين مٿان ڪيس داخل ڪري انور ٻپڙ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.