پنو عاقل ۾ شاگردياڻين سان جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ مُک جوابدار منير آرائين گرفتار

0
282

پنوعاقل (ن پ ا) پنو عاقل ۾ شاگردياڻين سان جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ مُک جوابدار منير آرائين گرفتار ٿي ويو

ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ هڪ جوابدار ياسر جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن

جوابدار منير آرائين شاگردياڻي سان جنسي زيادتي جي وڊيو رڪارڊ ڪئي هئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آھي..

ياد رھي تھ پني عاقل ۾ جوابدارن طرفان 10 شاگردياڻين کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو ھو

، ھڪ شاگردياڻي منظر عام تي اچي بيان ڏنو ھو تھ مون کي جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيوز ڀريون  ۽ بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

اسان کي قتل جون ڌمڪيون  ڏنيون ويون آھن، نياڻين سان ظلم ڪيو ويو آھي. ناري جو چوڻ ھو تھ انصاف ڪيو وڃي.

ھي به پڙھندا

پنو عاقل ۾ 10 شاگردياڻين سان مبينا جنسي زيادتي جو مامرو، هڪ متاثر نينگري جو موقف سامهون اچي ويو