واهي پانڌي (ن پ ا) ڪاڇي ۾ گرمين جي موسم ايندي ئي مختلف علائقن واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ، ڊرگھه بالا، هيئرو خان، حاجي خان قصبو ۽ ٻين علائقن ۾ پيرون پچي تيار ٿي ويا آهن، پيرون پچڻ بعد رهواسين ڀرپاسي جي علائقن سميت ٻين شهرن ڏانهن سوکـڙي طور اماڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن ٻڌايو ته ڄار جي وڻن جي واڍي سبب پيرون هن سال گهٽ ٿيا آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڄار جي وڻن جي واڍي بند ڪرائي وڃي.