پٿورو(ن پ ا ) پٿورو مختيارڪار پٿورو پاران پٿورو شهر ۾ مهانگائي ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن هوٽلن ۽ شهرين خلاف ڪاروائي ڪندي، ڇاپا هڻي ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ جي حڪم تي مختيارڪار پٿورو آصف ڪالرو پاران پٿورو شهر ۾ مهانگائي ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن دڪاندارن ۽ شهرين خلاف اوچتو ڇاپا هنيا ويا ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن کان ڏنڊ پڻ وصول ڪيو ويو، مختيارڪار پٿورو پاران شهرين ۽ دڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته عام واهپي جون شيون سرڪار پاران مقرر اگهن تي جو وڪرو ڪيون وڃن ۽ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪري ماسڪ لازمي استعمال ڪيو وڃي. مختيارڪار پاران چتاءُ ڏنو ويو ته آئينده ڀڄڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيا ويندا.