خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ليڊي ولنگٽن اسپتال مان ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي پاران ٻارڙن جي وارڊ پيڊس مان چار ايئر ڪنڊيشنرز، 14 آڪسيجن پوائنٽس، آڪسيجن سلينڊر ۽ يو سامان کڻائي وڃڻ واري خبر پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي پيپلز يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ سائنس نواب شاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ خيرپور پهچي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر اسدالله مهر، سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مير محمد سومرو ۽ ٻين عملدارن کي ساڻ ڪري ليڊي ولنگٽن اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارن کي آڪسيجن فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ايمرجنسي وارڊ پيڊس جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي بغير ڪنهن جي اجازت جي سامان کڻائي ويو آهي،تازن ڄاول ٻارن کي آڪسيجن فراهم نه ٿيڻ ڪري جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون. جنهن تي پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي جي اهڙي حرڪت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته هو بغير ڪنهن جي اجازت کان سواءِ وارڊ جو سامان ڇو کڻائي ويو آهي؟. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ کي معاملي جي وضاحت لاءِ ايڪسپلينيشن ليٽر پڻ ڏنو ۽ اسپتال جو کنيل سامان واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ دوري دوران سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر مير محمد سومرو کي حڪم ڏنو آهي ته اسپتال جي پيڊس وارڊ ۾ نيون ايئر ڪنڊيشنرز لڳايون وڃن جنهن جي رقم ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي جي پگهار مان ڪاٽي وڃي جڏهن ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي کي کنيل سامان واپس ڪرڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ دوري دوران مون تي ڪابه ڪاوڙ نه ڪئي پر هُن ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري کي تاڪيد ڪئي ته هوءَ ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج آهي سندس ٻارن واري وارڊ پيڊس سان سندس ڪوبه تعلق نه آهي، ٻارن واري وارڊ جا سمورا معاملا ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻيءَ جي حوالي آهن، ڊاڪٽر ڪلثوم ڊاڪٽر گلشن ميمڻ پاران مون مٿان ڇنڊ پٽڻ وارا الزام ڪوڙا آهن، ڊاڪٽر ڪلثوم غلط ذهنيت جي مالڪ آهي ۽ منهنجي ساکَ خراب ڪرڻ لاءِ اجايا الزام مڙهي رهي آهي.