واهي پانڌي(ن پ ا)سڄي سنڌ جيان واهي پانڌي ۾ ڇهين، ستين، اٺين جا امتحان شروع ٿي ويا واهي پانڌي ھاء اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري شاگرد پٽ تي نيٽهڻ اس تي امتحان ڏئي رهيا آهن ان موقعي صحافين سان ڳالهائيندي اسڪول جي انچارج رسول بخش رستماڻي، استاد غلام رسول برهماڻي لطيف رند،غلام محمد لاشاري ۽ ٻين چيو آهي ٺيڪيدار جبار لغاري اسڪول جي بلڊنگ ڊاهي فرار ٿي ويو آهي اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري هزار کان وڌيڪ شاگرد پٽ تي اس ۾ ويهي امتحان ڏئي رهيا آهن اسڪول ۾ بونڊي وال نه هجڻ ڪري عام ٻار اندر اچي ويا آهن ايترين ٻارن کي سنڀال ئي ڏکيو ٿي پيو آهي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو ازالو نه ٿيو آهي واهي پانڌي ھاء اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استاد مطالبو ڪيو ته فوري بلڊنگ جو ڪم ڪيو وڃي جئين بورڊ جي امتحانن ۾ تڪليف نه ٿئي