حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي شاهراهه ٽول پلازا وٽان هفتو اڳ کنڀي گم ڪيل حيدرآباد واسي 2 ڄڻن جو پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سندن وارث بي حال آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 20 اپريل تي شهزاد عرف ڀورو قريشي ۽ سفير آرائين عمري جي سعادت ماڻي ڪراچي کان واپس گهر پئي آيا ته کين ڄامشورو جي حد مان پوليس کنڀي کڻي وئي. سمير آرائين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته شهزاد ۽ سفير ساڻن گڏ الڳ الڳ گاڏين ۾ سوار هئا جيئن هو ٽول پلازه وٽ پهتا ته پوليس اهلڪارن کين روڪيو ۽ ٻنهي کان نالا پڇي گاڏين مان لاهي پاڻ سان گڏ موبائيلن ۾ ويهاريو. کنڀجي ويل شهزاد عرف ڀورو قريشي بابت پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته هو منشيات هلرائڻ جي حوالي سان شهر جي مختلف ٿاڻن تي مقرر پوليس عملدارن سان مسلسل رابطن ۾ هو جنهن ڪري شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته کيس آءِ جي سنڌ پوليس پاران منشيات خلاف ڪاررواين لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس ٽيم جي عملدارن جاچ لاءِ کنڀيو آهي. ذريعن موجب ته کنڀجي ويل ٻنهي ڄڻن جو تعلق پڃاري ٿاڻي جي حد پريٽ آباد ۽ نوراني بستي سان آهي پر پڃاري پوليس به هفتو گذرڻ باوجود کنڀجي ويلن بابت وارثن کي اڃا تائين ڪا ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي. وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي سندن اکين جي سامهون وردي ۽ سول ڪپڙن ۾ ملبوس اهلڪارن کنيو ۽ پوليس موبائيلن ۾ ويهاري کڻي ويا آهن پر تنهن باوجود ڄامشورو پوليس سميت ڪنهن به ٿاڻي جي پوليس کين ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن ته کنڀجي ويل خبر نه آهي ڪهڙي حال ۾ هوندا.