پنگريو (ن پ ا ) پنگريو جي ڪنڀار محلا واسي زيبو خاصخيلي پريس ڪلب پھچي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته وڏي پٽ جمن جي اڳ به شادي ٿيل آهي، جنھن مان کيس چار ٻار آھن  ٻيھر شادي ڪرڻ ٿو چاھي.هن چيو ته پٽ ٻي شادي ڪئي ته چار ٻار ۽ ان جي پهرين زال مون بيواهه عورت کي سنڀالڻا پوندا، مھانگائي جو دور آهي، منھنجو ننڍو پٽ ذھني مريض آهي، ان جو علاج به مزدوري ڪري ڪرائيندي آھيان.  ھن چيو ته اختياريون نوٽيس وٺن سندس پٽ کي پابند ڪن ته ٻي شادي  نه ڪري جيڪڏھن شادي ڪري  ٿو ته اڳين زال ۽ ٻارن کي پاڻ سنڀالي آئون سندس ٻارن ۽ زال کي نٿي سنڀالي سگھان.