واقعي واري ڏينھن مان ٽنڊو محمد خان ۾ ھيس (برھان چانڊيو ) برھان چانڊيو غلط بياني پيو ڪري، ھي قاتل آھن: ام رباب

0
367

ڪراچي:ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس بابت ام رباب ۽ برهان چانڊيو ٽائيم نيوز تي آمهون سامهون، ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي برهان چانڊيو چيو آهي ته فرد جرم ۾ ڪوڙا الزام مڙهيا ويا آهن

برھان چانڊيو موجب واقعي واري ڏينهن مان ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ تقريب ۾ شريڪ هيس، ان ڏينهن مون بلاول ڀٽو زرداري جي گاڏي به ڊرائيو ڪئي هئي، مون وٽ ان ڳالهه جا وڊيو ثبوت به موجود آهن

برھان چانڊيو جو چوڻ ھو تھ مان واقعي واري ڏينھن ٽنڊو محمد خان ۾ ھيس، اوھان ٽائيم نيوز وارا پنھنجي رپورٽر سان رابطو ڪري جاچ ڪيو تھ مان ڪٿي ھيس، اوھان وٽ فٽيجز موجود ھوندا، اسان کي ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي

May be an image of 7 people, people standing and outdoors

ام رباب چيو ته برهان چانڊيو غلط بياني پيو ڪري، هو واقعي واري ڏينهن ميهڙ ۾ موجود هيو،  سردار سدائين ڪيس کان ڀڄندا رھيا آھن، عدالت برهان چانڊيو جا ثبوت رد ڪري چڪي آهي

برهان چانڊيو چيو ته ام رباب اسان جي ڀيڻ آهي، سندس لڳايل سمورا الزم غلط آهن، ام رباب چيو ته سردار ڪجهه به ڪن قانون جي پڪڙ کان هاڻي نه بچي سگهندا

ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي برھان چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ام رباب چانڊيو ليڊر ٿيڻ جي لاءِ اسان جي مٿان الزام لڳايا، اسان بيگناھ آھيون  ۽ بيگناھ ثابت ٿينداسين، اسان کي بيگناھ ڪيس ۾ گھليو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

ميهڙ واقعو: ايم پي اي ڀائرن سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو