ميهڙ واقعو: ايم پي اي ڀائرن سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

0
666

دادو (رپورٽر) دادو جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڀائرن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آھي، جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو

ام رباب  چانڊيو جي والد، چاچـَي ۽ ڏاڏي کي 17 جنوري 2018 تي قتل ڪيو ويو هو، فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ايم پي اي سردار چانڊيو جي هدايتن تي جوابدارن سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي

فائرنگ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس پٽ مختيار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ قابل چانڊيو مارجي ويا، ام رباب چانڊيو مسلسل گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي

ام رباب  چانڊيو عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان جي فتح ڏانهن پهرين وک آهي، سردار ڀائرن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائي رهنداسين، ھن چيو تھ سنڌ ۾ شينھن نظر ايندڙ سردار ٻليون آھن، اسان جي ڪاميابي ٿي آھي، عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ۽ اھا اميد قائم رھندي

May be an image of 7 people, people standing and outdoors

دادو  جي عدالت پاران ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ سردار ڀائرن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ  بعد ام رباب چانڊيو جي مٿان سول سوسائٽي پاران ميھڙ ۾ گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ سرداري نظام نامنظور جا نعرا پڻ ھنيا ويا

ھي به پڙھندا

سردار چانڊيو جي ضمانت رد ڪيو، ام رباب درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

فريدآباد: ام رباب باهه متاثرين وٽ پهچي وئي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو