وارهه (ن پ ا) وارهه شھر ۽ ڀرپاسي بدامني خلاف شھري سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شھر جي ڪار اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ منان چانڊيو، سرتاج چانڊيو، برڪت سوڍر، عنايت لاشاري، جبران ڇٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن سبب غيرمحفوظ آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شھر اندر پوليس پڪٽون بحال ڪري امن قائم ڪرايو وڃي.