عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل سامان اي سي عمرڪوٽ جي بنگلي تان جيم خانه عمرڪوٽ ۾ شفٽ، هزارين تنبو، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، ضلعي ۾ متاثر اڃان به دربدر، انتظاميا اڃان تائين نوٽيس ناهي ورتو، عمرڪوٽ ضلعي ۾ گذريل برساتن ۾ جتي سموري سنڌ جا ضلعا متاثر ٿيا پئي اتي وري عمرڪوٽ ضلعي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ته تباھ ٿيو پر هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي عمرڪوٽ جي آس پاس ڀٽن ۽ روڊن جي ڪناري تي ويهي زندگيءَ جا ڏکيا ڏينهن گذاريا پئي، ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل تنبو، مڇردانيون توڙي جو راشن بيگ ضلعي انتظاميا جي نااهليءَ سبب بنگلن تي رکئي سڙي ويو پر ٻوڏ متاثرن کي نه ڏنو ويو، ٿر جي ڀٽن ۽ روڊن جي ڪناري تي ويٺل ٻوڏ متاثرن ۾ تنبو ۽ ٻيو سامان وٺڻ لاءِ وڏا وڏا احتجاج به ڪيا هئا پر ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل رهي. ٻوڏ متاثرن جي لاءِ آيل تنبو، مڇردانيون ۽ ٻيو هزارين جي تعداد ۾ سامان اي سي عمرڪوٽ جي بنگلي کان جيم خانه ۾ شفٽ ڪيو پيو وڃي جيڪو سامان سڙي ۽ ختم ٿي چڪو آهي، جيڪو سامان سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏنو هو ، ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران ضلعي انتظاميا بنگلن تي رکرائي خراب ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ ٻڌايو ته سامان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي امانت آهي اهو سامان ايمرجنسي صورتحال ۾ ورهائڻ لاءِ آهي، اهو سامان اسان اي سي جي بنگلي کي عارضي طور لاءِ ويئر هائوس ٺاهيوسين پر هاڻ انهيءَ سامان کي جيم خانه ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي.