حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا. معذور ماڻهن پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف نظير احمد، محمد خالد سومرو، فاروق احمد ۽ ٻين پنهنجو احتجاج جاري رکيو. مٽياري جي اڏيرو لال واسي پيرسن اشوڪ چند عرف گووو پيپلزپارٽي
قيادت خلاف 166هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جو ڪارڪن هوندي کيس 54 سال گذرڻ باوجود پارٽي اڃا تائين ڪجهه به نه ڏنو آهي. پڙهيل لکيل اولاد به بيرزوگاري سبب مايوسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته معاملن جو نوٽيس وٺي مطالبا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.