باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سرڪاري خريداري مرڪز اڃا تائين کلي نه سگهيا آهن، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين سبب سرڪاري خريداري مرڪزن کي اڃا تالا لڳل آھن، هوڏانهن واڍاپل ۽ باڊھه سينٽرن تي خوراڪ کاتي پاران مقرر ڪيل فوڊ انچارجن کي نه باردانو مهيا ڪيو ويو آھي نه ئي اڃا بينڪ اٿارٽي ليٽر جاري ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان آبادگارن محمود ڪانڌڙو، غلام اصغر راڄپر، منصور علي جوڻيجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سرڪاري خريداري مرڪز بند هجڻ سبب سستي اگهه تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيون، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد خريداري مرڪز کولي باردانو فراهم ڪيو وڃي.