مورو (ن پ ا) سيپڪو ٽاسڪ فورس جي انچارج عقيل جوڻيجو مورو شھر جي مختلف پاڙن ۾ اوچتو ڇاپا هنيا، 200 جي لڳ ڀڳ غير قانوني بجلي جا ڪنيڪشن پڪڙي ورتا، سيپڪو انتظاميا مورو ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ان موقعي تي عقيل جوڻيجو ٻڌايو ته سي او سيپڪو سکر چوڌري محمد سليم عوامي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي مورو ۾ ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنھن جي حڪم تي ڪارروائي ڪندي مورو شھر ۾ ڇاپا ھڻي، چوري جي بجلي ھلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 200 جي لڳ ڀڳ غيرقانوني ڪنيڪشن پڪڙيا آھن ۽ بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا. بجلي چوري ڪرائيندڙن سيپڪو مورو جي ملوث ملازمن خلاف سي او سيپڪو سکر کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ ملوث ماڻهن خلاف اداري طرفان ڪارروائي ڪئي ويندي بجلي چور ڪيڏو به بااثر ڇو نه ھجي کين ھرگز بخش نه ڪيو ويندو.