وارهه: هٿياربندن هٿان نوجوان گوليون هڻي قتل

0
497
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

وارهه (ن پ ا) وارهه جي مين شاهي بازار ۾ نامعلوم هٿياربندن نوجوان کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، مين شاهي بازار ڀرسان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن 21 سالن جي نوجوان ماجد پٽ ممتاز گوگاڻي چانڊيو کي گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي بعد شھر ۾ خوف ڇائنجي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي..