ڪالعدم تنظيم ٽي ايل پي مٿان چندو گڏ ڪرڻ تي به پابندي لاڳو

0
403

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان پابندي پيل تنظيم ٽي ايل پي مٿان چندو گڏ ڪرڻ تي به پابندي لاڳو، وفاقي گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي مٿان هر قسم جو چندو گڏ ڪرڻ جي پابندي لڳائي وئي آهي، چئني صوبائي حڪومتن کي پابندي تي عمل يقيني بڻائڻ ۽ ٽي ايل پي تي ڪرڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.