ڀَنگ کي عام ڪرڻ جي حوالي سان مشھور سينئير وڪيل امان الله سومرو گرفتار

0
531

ميرپورخاص (ن پ ا) ضلعي انتظاميا پاران شھر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٺاھيل ڊوائيڊر ديوار کي سينئير وڪيل امان الله سومرو ڊھرائي ڇڏي، بلديه مارڪيٽ وٽ ٺھيل ڊوائيڊر ديوار کي وڪيل پاران مزدورن ذريعي ڊھرائي، اطلاع تي ٽائون ٿاڻي جي پوليس پھچي کيس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو، ٽريفڪ انچارج محمد فياض جي مدعيت ۾ سينيئر وڪيل امان الله سومرو خلاف قلم 504, 186 ۽ 431 تحت پبلڪ روڊ کي نقصان پھچائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪمن ۾ رڪاوٽ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ياد رھي ته امان الله سومرو پاران انھي ڊوائيڊر ديوار خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي، جنھن تي عدالت ڊي ايس پي ڪمپلين سيل کان 21 اپريل تائين معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي آھي.