ھڱورجا (ن پ ا) ميرڪ مائينر جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ء پڇڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ھارين سمي لنڪ روڊ تي محمد حسن سيال، الفت سھتو، علي حيدر سيال، فريد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائر ساڙي مظاھرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. بعد ۾ آبادگارن ۽ ھارين بک ھڙتالي ڪيمپ تي پھچي علامتي بک ھڙتال ۽ آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. آبادگارن ۽ ھارين ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام لڳايو ته ميرڪ مائينر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند، وونئڻ، جوئر سڙي سڪي تباھ ٿي رھيا آھن. هنن واضح ڪيو ته مسئلي جي حل تائين احتجاج جاري رھندو.