راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي جي ڪاري ڏينهن تي قوم لاءِ شرمندگي آڻيندڙ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. آرمي چيف قوم جي عظمت، عزت ۽ وقار لاءِ شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، شهيد پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرڪاري اهلڪارن ۽ عوام لاءِ فخر آهن. هن چيو ته منصوبابندي سان ڪيل افسوسناڪ واقعن جي ٻيهر ڪنهن به قيمت تي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستاني عوام جي دلين ۾ شهيدن جو عظيم مقام سدائين قائم رهندو، شهيد پاڪ فوج جي رينڪ اينڊ فائل لاءِ فخر جو سبب آهن. سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي ڪاري ڏينهن تي قوم لاءِ شرمندگي آڻيندڙ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي سدائين اول رکندا آهيون، مستقل طور تي شهيدن جي عظيم قربانين کي انتهائي عزت ۽ وقار سان ڏسون ٿا. پاڪ فوج جي سربراهه ماتحت فارميشنز جي محنت، لڳاءَ، بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو. هن چيو ته فوج پيشيواراڻي مهارت ۽ اندروني ۽ ٻاهرين چيلنجن تي ڌيان ڏئي، پروپيگنڊاوار فيئر سان منهن ڏيڻ لاءِ هر طرح جو ڌيان ڏنو وڃي.