ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي لاڳيتي کوٽ خلاف شهرين پاران 54 هين ڏينهن به قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ۽ پيئڻ ۽ جيئڻ لاءِ وس وارن کان پاڻي مهيا ڪرڻ جون التجائون ڪيون ويون، شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، لالا غفار ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، حافظ عباسي ، روپلو شيخ  ، عرفان ميرجت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، هنن چيو ته هو گذريل 54 ڏينهن کان لاڳيتو احتجاجي مظاهرا ڪري قومي شاهراھ تي پاڻي لاءِ نعرا هڻي رهيا آهن پر سندن ڪو به داد رسي ڪرڻ وارو ناهي هنن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ۾ شهري ڳري اگھن تي پاڻي خريدڻ کان قاصر آهن،  هنن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي عدم دستيابي ڪري شهري پنهنجي اسڪول ويندڙ ٻارڙن جا اسڪولي يونيفارم به نٿا ڌوئي سگھن، هنن گھر ڪئي آهي ته ٺٽي واسين کي ڪينجھر مان نڪرندڙ ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي جي فراهمي نٿي ڪئي وڃي تيسائين سندن هلندڙ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.