اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو، آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي، وڌيڪ پيسي وارو ڪشمير جو وزيراعظم بڻجندو، بدترين ڌانڌلي ۾ به پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا، آزاد ڪشمير جي ڪٺ پتلي حڪومت کي نه هلڻ ڏينداسين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اپوزيشن پارٽين سان رابطو ڪري عمران خان جو مقابلو ڪنداسين، هن چيو ته اپوزيشن ساٿ نه ڏنو ته پ پ اڪيلي سِر اپوزيشن ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پنجاب حڪومت کي بي اعتمادي رٿ ذريعي ڪيرائي سگهون ٿا، ضرورت پوڻ تي شهبازشريف سان رابطو ڪنداسين. آزاد ڪشمير ۾ جعلي حڪومت پيسن جي بنياد تي ٺهڻ وڃي رهي آهي، ڌانڌلي کي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان سنڌ جَي سياسي يتيمن کي پ پ خلاف گڏ ڪري رهيو آهي، سنڌ کي فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي ننڍي چونڊ ۾ شڪست ملي، بلاول چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پيسو هلايو ويو، ڪشمير جو وزير پيسا ورهائيندي پڪڙجي پيو.