اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول وڌيڪ پوڻا 2 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو، ايل پي جي اگهن ۾ 10 رپيا ڪلو واڌ، هفتي دوران اٽي، کنڊ ۽ گيهه جون قيمتون به وڌي ويون. حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيو 71 پيسا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 35 پيسا واڌ ڪرڻ ۽ هاءِ اسپيڊ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه کي برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ نئين قيمت 119 رپيا 80 پيسا، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 35 پيسا واڌ سان نئين قيمت 85 رپيا 75 پيسا ٿي ويندي، نيون قيمتون پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿينديون، نوٽيفڪيشن مطابق هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 116 رپيا 53 پيسا، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 84 رپيا 67 رپيا ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندي. جڏهن ته 15 ڏينهن اڳ ئي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو هو، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته 26 جولاءِ جي ڊيٽا مطابق دنيا جي 27 ملڪن مان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت گهٽ ۽ 140 ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، دنيا ۾ پيٽرول جي سراسري قيمت 1.19 ڊالر في ليٽر آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ عالمي بنيادن تي پيٽرول جي قيمت 0.72 ڊالر في ليٽر آهي، هن چيو ته دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو 47 سيڪڙو جڏهن ته پاڪستان ۾ 11 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اوگرا جي سفارش تي پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پيسا اضافو ڪيو آهي. هوڏانهن ايل پي جي جي قيمت ۾ 10 رپيا في ڪلو اضافو ڪيو ويو، ايل پي جي ڊيلرز ايسوسئيشن جي چيئرمين ملڪ ۾ ايل پي جي جي قيمت 180 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي، گهريلو سلينڊر 2110 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 8080 رپين جو ٿي ويو. ٻئي طرف شماريات کاتي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، شماريات کاتي موجب هڪ هفتي ۾ کنڊ جي قيمت هڪ رپيو 55 پيسا في ڪلو اضافي سان 105 رپيا 24 پيسا ٿي وئي، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 6 رپيا 58 پيسا مهانگو ٿي ويو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1134 رپين جو ٿي ويو، گيهه جي اڍائي ڪلو دٻي جي قيمت 20 رپيا 57 پيسا وڌي، تيل جي قيمت ۾ 20 رپين ۽ گوشت جي قيمت ۾ هڪ هفتي ۾ 2 رپيا 24 پيسا في ڪلو واڌ ٿي وئي، ٽماٽر 4 رپيا 44 پيسا، بصر هڪ رپيو 5 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا، بيضا 5 رپيا 56 پيسا في درجن مهانگا ٿي ويا، ڳڙ، چانورن، دال مسرور، کير ۽ ڏهي جي اگهن ۾ به اضافو ٿيو. رپورٽ موجب دال مڱ، دال چڻا، پٽاٽن جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي. هڪ هفتي ۾ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 172 رپيا 11 پيسا، پيٽرول 5 رپيا 38 پيسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 64 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيو.