اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف ۾ ٺهيل جهانگير ترين گروپ ايم پي اي نذير چوهاڻ سان مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نذير چوهاڻ کي اڪيلو نه سمجهو وڃي. ذريعن موجب جهانگير ترين گروپ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر نذير چوهاڻ سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سندس خلاف انتقامي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته انتقامي ڪارروايون برداشت نه ڪنداسين، ترين گروپ پڌرنامي ۾ چيو آهي ته نذير چوهاڻ کي ڪنهن به ريت اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ترين گروپ ساڻس گڏ بيٺل آهي، ان موقعي تي ترين گروپ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر سان چونڊيل نمائندن جي عزت بحال ڪئي، اڄ ترين گروپ جا ميمبر نذير چوهاڻ سان گڏ عدالت يجهتي طور ويندا، هوڏانهن نذير چوهاڻ معاملي تي اسپيڪر ۽ پنجاب حڪومت آمهون سامهون اچي ويا آهن، پنجاب حڪومت لاڳيتو ٻئي ڏينهن به پنهنجي پارٽي جي گرفتار ايم پي اي نذير چوهاڻ کي پروڊڪشن آرڊر باوجود ايوان ۾ پيش نه ڪيو، اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي نذير چوهاڻ کي ايوان ۾ پيش نه ڪرڻ تي اڳ به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.