ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر ڪرنل رٽائرڊ طاهر مشهدي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي طاهر مشهدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ تي حملي آور ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ وفاقي حڪومت سنڌ کي ڌمڪيون نه ڏئي، سنڌ جو عوام وفاق جي اهڙين ڌمڪين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. ڪنهن به سياسي جماعت کي ڪنهن به صوبي ۾ وڃي سياست ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي هن چيو ته وفاق سنڌ جي حوالي سان ڪا به غيرآئيني سوچ پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ سبب عوام جو سفر ڪرڻ رسڪ سمجهيو ويندو هو ، ڪراچيءَ ۾ لاش کڻڻا پيا پر هاڻي جمهوري حڪومت دهشتگردي کي ٻنجو ڏئي امن امان بحال ڪرايو آهي. ان موقعي تي طاهر مشهدي چيو ته پي ٽي آءِ جا سليڪٽيڊ ايم اين ايز هڪ ڪائونسلر جي اليڪشن پڻ هارائي وڃن ٿا. پيپلز پارٽي ئي واحد جماعت آهي جيڪا پاڪستان لاءِ ڪم ڪري رهي آهي