لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تازو شڪارپور جيل مان آزاد ٿي آيل سردار تيغو خان تيغاڻي پنهنجي گرفتاري واري معاملي تي پيپلزپارٽي کان ناراض ٿي پ پ مخالفن اڳواڻن سان هٿ ملائي ورتو، ڌاڙيلن جي سهولتڪار هئڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ سردار تيغو خان تيغاڻي لاڙڪاڻي ۾ جي يو آء جي مدرسي پهچي ويو، جتي جي يو آءِ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود سومرو سان ملاقات ڪئي، جتي جي ڊي اي جو ايم پي اي معظم علي عباسي به موجود هو، جنهن کانپوءِ سنڌ اندر قبائلي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاء مشاورت بعد سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي