سنڌ حڪومت کي لاڪ ڊائون جو نقصان ٿيندو، مستقبل ۾ سنڌ ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي: شيخ رشيد

0
295

راولپنڊي(م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مستقبل ۾ سنڌ ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، راولپنڊي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته عمران خان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به حڪومت ٺاهي آهي، هاڻي هو سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهيندو، مستقبل ۾ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، هن سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ڪري پنهنجو نقصان ڪندا، عمران خان جي اسمارٽ لاڪ ڊائون کي سڄي دنيا ساراهيو آهي، عمران خان جي قدمن کي ڪرڻ سان ڪو به حرج نه آهي، شيخ رشيد چيو آهي ته پهريان ئي چيو هو ته ن کان ش نڪرندي، هي به چيو هو ته آزاد ڪشمير ۾ پ پ گهڻيون ۽ ن ليگ گهٽ سيٽون کڻندي، اليڪشن وقت تي ٿيندي، پي ٽي آءِ هر روز بهتر پوزيشن ۾ اچي رهي آهي، هن چيو آهي ته نور مقدم ڪيس جي جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين، جڏهن ته افغان سفير جي ڌيءَ بابت چارئين ٽيڪسي ڊرائيورز کان جاچ ڪئي، چارئين پورهيت آهن، غربت سبب کين ڇڏي ڏنو آهي، هن چيو آهي ته ڪجهه قوتون پاڪ چين واسطا ۽ سي پيڪ کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر ناڪام ٿي وينديون، ڪا به طاقت پاڪ چين لاڳاپا خراب نٿي ڪري سگهي ۽ چين جا لاڳاپا هماليه کان بلند آهن، شيخ رشيد چيو آهي ته بارڊر سيڪورٽي اسان وٽ آهي ۽ اسان ان کي ڏسي رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان تي گهرو وزارت بهتر موقف ڏئي سگهي ٿي. شيخ رشيد چيو آهي ته منهنجي زندگي جو مقصد نالا لئي منصوبو آهي، هي منصوبو ٺهندو ته ڀرپاسي جا ماڻهو سڪون ۾ رهندا، جڏه ته لئي ايڪسپريس جي تعمير سان ماڻهن جون زندگيون بدلجي وينديون، هن چيو آهي ته اسان تعليم جي لاءِ گهڻو ڪيو ۽ ڪري رهيا آهيون، يونيورسٽي ٺاهي چڪا آهيون ۽ هڪ ٻي به ٺاهي رهيا آهيون.