ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پي ٽي آءِ پاران سنڌ جي سياست ۾ قدم ڄمائڻ لاءِ قومپرست جماعتن سان رابطا شروع، وزيراعظم جي سنڌ بابت خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه جلال محمود شاه سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات، مستقبل ۾ اتحاد ٺاهڻ توڙي سنڌ جي مسئلن تي گڏيل جدوجهد تي خيالن ڏي وٺ، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم جَي سنڌ بابت خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته وفاق مان سنڌ آيل پوليس آفيسرن جون لسٽون تيار ٿي رهيون آهن، ٻڪري چوري جي الزام ۾ به دهشتگردي جا قلم هڻي ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ آفيسر تياري وٺن، صوبائي وزير امتياز شيخ 500 ايڪڙ زمين جو حساب ڏئي، نيب هاڻي سنڌ ۾ خالي ڪارروايون نه ڪندي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطن جي کوٽ هئي، جي ڊي اي جي به ميٽنگ وقت سر نه ٿيندي هئي، آئون پي ٽي آءِ ۾ رضاڪاراڻي طور شامل ٿيو آهيان، پي ٽي آءِ جي تنظيمي ۽ ٻين معاملن کي ٺيڪ ڪندس، منهنجي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فائدو جي ڊي اي کي به ٿيندو، هن چيو ته سنڌ جو عوام 12 سالن کان پيپلز پارٽي کي برداشت ڪري رهيو آهي، هتي پ پ مخالفن جو پوليس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ٿر ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، مونکي لڳي ٿو ته انهي ڪول ڪمپني ۾ زرداري جو حصو آهي، جنهن چوري جي الزام ۾ هڪڙي پورهيت ( دود وڀيل ) کي ماري ڇڏيو هن چيو ته بحريا ٽائون پڻ مافيا بڻيل آهي، ملڪ رياض جي سنڌ سرڪار به ڀائيوار آهي، قديم رهواسين کي ٻڌرائي زبردستي زمينيون لکائي ورتيون آهن، اهڙي عمل ۾ ملڪ اسد ۽ نبيل گبول جا ماڻهو اڳڀرا رهيا آهن، هن چيو ته قومپرستن جيڪا صوبائي خومختياري گهري ٿي، انهن به ارڙهين ترميم جي نالي تي ڪرپشن ۽ ظلم ڏسي اهڙي ارڙهين ترميم کان توبهن ڪئي آهي، آئون سنڌ ۾ قومپرست ۽ وطن دوست ڌرين سان رابطا ڪندس،جيڪو اسان سان اتحاد ۾ بلدياتي چونڊن يا ايندڙ چونڊن ۾ گڏ بيهندو، اسين انهن سان گڏ بيهنداسين، چونڊون 2 سالن کانپوءِ ٿينديون، ، باقي بلاول ڀٽو جيڪڏهن هينئر سنڌ ۾ ڪي چونڊون ڪرائي ٿو ته ڀلي ڪرائي، هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾اپوزيشن ليڊرحليم عادل شيخ سان سندس ڪي به اختلاف ناهن، وزيراعظم آڏو به هن گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هن چيو ته سيد زين شاهه رضاڪاراڻه طور گرفتاري ڏني هئي، هن وقت هو جيل ۾ آهي، ان بابت به سيد جلال محمود شاهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، مون کي هڪ ڏينهن اڳ خاص معاون مقرر ڪيو ويو آهي، ٿورو وقت ڏيو ته سڀني معاملن کي ڏسنداسين، في الحال انهن سمورن ڪيسن جي وفاقي ادارا به جاچ ڪن پيا، انهي کان اڳ ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ڳالهائيندي چيو ته ارباب رحيم سندس طبيعت پڇڻ آيو هو، ساڻس پراڻو تعلق آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته هو سنڌ جي معاملن تي وزيراعظم سان ڳالهائيندو، سنڌ ۾ بحرياٽائون آڏو احتجاج دوران بيگناهه ماڻهن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، انهي جي وفاقي ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي، جڏهن ته بحريا ٽائون بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪرايو وڃي. هن چيو ته پ پ سرڪار سنڌ واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، وسيلا ۽ زمينون وڪڻي ڇڏيا آهن، پهرين ٻيٽ وفاق کي ڏنا ويا، زمينون وري بحريا ٽائون کي ڏئي ڇڏيا، بحريا خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي 30-30 ڪيس داخل ڪيا ويا، انهي حوالي سان وفاقي ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي. .