ڪراچي: وزيراعظم جي سنڌ بابت خاص معاون ارباب غلام رحيم جا پي ٽي آءِ سنڌ جي ناراض اڳواڻن سان رابطا، اڄ جتوئي هائوس پهچي لياقت جتوئي گروپ سان ملاقات ڪندو، ان حوالي سان رات دير سان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي صدارت هيٺ گل محمد رند جي رهائشگاهه تي ٿيل گڏجاڻي ۾ گل محمد رند، محفوظ عرساڻي، الله بخش انڙ، اڪبر ڀنگوار، ڊاڪٽر الله رکيو ٻگهيو ۽ ٻيا اهم اڳواڻ شريڪ ٿيا، لياقت جتوئي پنهنجن ساٿين کي آگاهه ڪيو ته ارباب رحيم اڄ ساڻس ملڻ چاهي ٿو ، انهي لاءِ هو جتوئي هائوس پهچندو، ساڻس ملڻ کان اڳ دوستن جي راءِ معلوم ڪجي، ذريعن موجب اجلاس ۾ سمورن اڳواڻن لياقت جتوئي کي خاطري ڪرائي ته اهي سندس هر فيصلي کي قبول ڪندا ، اڳواڻن ڄاڻايو ته ارباب رحيم سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ کين نظرانداز ڪرڻ، راتو رات شامل ٿيندڙ ماڻهن کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ ڪراچي کانسواءِ باقي سڄي سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ واري شڪايت آڏو رکي وڃي، ذريعن موجب اڳواڻن اتفاق ڪيو ته اڄ ارباب رحيم سان ملاقات ڪرڻ گهرجي.