سکر (بيورو رپورٽ) شڪارپور روڊ تي قائم سرسو ڪامپليڪس جي ڪانفرنس روم ۾ سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجدا رضوي جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل، اقليتي اڳواڻن مکي ايشور لال، اڳوڻي ايم پي اي ديوانچند چاولاو، ديوان چند چاولا، وڪيل اشوڪ ڪمار، سک ديوَ، سردار رامچند، مائيڪل، وڪي ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڪستاني قانون موجب 18 سال کان گھٽ عمر جي ڪنھن به پاڪستانيءَ جو سڃاڻپ ڪارڊ به ناھي ٺاھيو ويندو پر ھندو نياڻين کي ننڍي عمر ۾ اغوا ڪري، ورغلائي شادي ڪري مذھب مٽايا پيا وڃن جنهن تي سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آھي، اڳواڻن چيو ته تازو لاڙڪاڻو جي آرتي ڪجھه ڏينھن کان گم ھئي، جنھن کي ڪالھه ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنھن جو نه سڃاڻپ ڪارڊ ٺھيل آھي ۽ نه ئي ڊوميسائيل ٺھيل آھي، گڏجاڻيءَ ۾ ھندو برادريءَ جي نيڪ مردن توڙي سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو، زبير سومرو، ستار زنڱيجو، عاجز علي ۽ ٻين وزير اعظم ۽ سنڌ جي وڏي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اقليتي نياڻين جي تحفظ وارو بل آندو وڃي، اڳواڻن مطالبو ڪيوته ھندو برادريءَ جي نياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس (ر) ماجدا رضوي چيو ته اھي سفارشون لاڳاپيل اختيارين ڏانھن اماڻيون وينديون ۽ اقليتي برادري ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي ويندي.