سنجھورو (ن پ ا) سنجھورو_ شھدادپور روڊ تي ٻن ٽرڪن، هڪ مزدا ۽ ٽريڪٽر ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ مزدا ۾ ويٺل هڪ ئي خاندان جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، زخمين کي تعلقه اسپتال سنجهورو آندو ويو، جتي ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نوابشاھ ريفر ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ ابراهيم ، بهادر علي، گل خاتون، مارا، چاڪر، خير بي بي ، مهر خاتون ، خانزادي، ايوب، يعقوب ، زبيده ، اسماعيل ۽ شامل آهن، حادثو سنجهورو شھر ڏانهن ايندڙ ٻن ٽرڪن جي پاڻ ۾ ريس لڳائڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته ٽرڪن جا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.