ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته ملير جي چونڊيل نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ ملير ايڪسپريس وي جي روٽ ۾ تبديلي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ڪالهه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ناصر شاھ چيو ته ملير جي عوام جي مطالبي تي پراجيڪٽ جو رستو تبديل ڪيو ويو آهي. هن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڏني ته ڄام صادق پل کان قائد آباد فيز 1 تي ڪم شروع ڪيو وڃي، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اختيارين ٻڌايو ته نئين رستي سان 400 کان 500 ڪچا پڪا گهر متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن ته 3 کان 4 ڳوٺ متاثر ٿيندا. ملير جي ڊي سي ٻڌايو ته 40 ايڪڙ خانگي زمين پراجيڪٽ جي نئين رستي ۾ اچي رهي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڊي سي ملير کي هدايت ڪئي ته پروجيڪٽ ڪري متاثر ٿيندڙ آبادي کي متبادل ڏيڻ لاءِ زمين جي نشاندهي ڪئي وڃي.