مٺي (رپورٽر ) ٿرپاڪر انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي هاڪڙي ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جو پاڻي  هيوي موٽرن ۽ مشينري ذريعي نيڪال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي دعويٰ ڪئي آھي ته پاڻي اهڙي طريقي سان نيڪال ڪري وڌيڪ ٻوڏ تباهڪارين کان عوام کي بچائي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ وزير اعظم جي خاص معاون ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي سي عبدالحفيظ سيال، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن رليف ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سلمون، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سارا جاويد، ڊي ايچ او، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مهيش ملاڻي چيو ته پراڻ ڍوري ۽ ايل بي او ڊي سبب متاثر ٿيندڙ علائقن مان پاڻي جي فوري نيڪالي لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پراڻ ڍوري، ايل بي او ڊي ۽ زيرو پوائنٽ تان هيوي مشينون لڳائي پاڻي جي نيڪالي لاءِ لائحه عمل جوڙيو آهي ته جيئن وڌيڪ شهرن ۽ ڳوٺن کي پاڻي کان بچائي سگهجي، هن چيو ته ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري فوڪل پرسن اي ڊي سي ٽو سلمون کي مقرر ڪيو ويو آهي،