ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت تازين برساتن بعد پرڳڻي جي سمورن مڪاني ادارن جا ترقياتي فنڊ روڪي ڇڏيا، ان حوالي سان  مليل ڄاڻ موجب  سنڌ سرڪار پاران مڪاني ادارن جا ترقياتي فنڊ روڪي ڇڏيا آهن، سمورن مڪاني ادارن وارين اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پگھارن، پينشن، يوٽلٽي بلز، پيٽرول کانسواءِ  ڪا رقم خرچ  نه ڪئي وڃي، ذريعن موجب برساتن سبب پاڻي بيٺل هجڻ ڪري في الحال ترقياتي منصوبا روڪيا ويا آهن،