بدين/ٽنڊوباگو/پنگريو(نمائندن وٽان) ايل بي او ڊي ۾ چاڙھ جاري، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو، ايل بي او ڊي کي زيروپوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ بابت هڪ ڀيرو وري فيصلو نه ٿي سگهيو، ماڻهن ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ برقرار آهي. پراڻ کي لڳل گهاري جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ پنگريو شهر کي رنگ بند ٻڌي بچايو ويو آهي، خبر موجب سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي واري ضلعن جي برساتي، واھن ۽ سم نالن جي گھارن جي پاڻي جي مسلسل ڇوڙ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ پوڻ ڪري تعلقي ٽنڊي باگي جي حدن وٽان سم نالي ۾ پاڻي جو چاڙھ وڌڻ ڪري بندن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. ملڪاڻي لڳ پراڻ ڍوري کي لڳل گھاري جو پاڻي تعلقي جي پنجن يونين ڪائونسلن ملڪاڻي، سمن سرڪار، پنگريو، پير بودلو ۽ جرڪس کي مڪمل ٻوڙي پاڻي ايل بي او ڊي جي آر ڊي 254 ۽ زيرو پوائنٽ جي آر ڊي 211  وٽان سم نالي جي بندن کي اوور ٽاپ ڪري سم نالي ۾ ڇوڙ ڪري رھيو آھي. ايل بي او ڊي ۾ چاڙھ سبب ايل بي او ڊي جو لنڪ سم نالو شيخ منظور ابتو وھڻ ڪري ھن سم نالي کي پير بودلو درگاهه وٽان 3 گھارا پئجي ويا آهن، جن جو پاڻي خليفو قاسم طرف وڌي رھيو آهي. جڏهن ته ايل بي او ڊي سم نالي جي پاڻي جي دٻاءُ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ  آر ڊي 211  وٽان ڪٽ ڏئي وڌيڪ پاڻي جو ڇوڙ ٿرپارڪر ضلعي طرف پراڻ ڍوري ۾ ڪرڻ وارو وزارتي ڪاميٽي جو فيصلو ويتر سياسي طور تڪراري بڻجي ويو آهي. صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، سيد سردار شاھ ۽ ارباب لطف الله ۽ آبپاشي ماھرن جي وچ ۾ 2 ڏينهن اڳ بدين ٿيل ميٽينگ دوران به ذريعن موجب ايل بي او ڊي سم نالي کي زيرو پوانٽ  وٽان ڪٽ ڏئي پاڻي کي پراڻ ڍوري ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو ڪو فيصلو طئي ٿي نه سگھيو آهي. جڏهن ته تعلقي ٽنڊي باگي جي پنجن يونين ڪائونسلن سميت جھڏو، ٽنڊوجان محمد، نئون ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص جا ھزارين ماڻهو مطالبو ڪري رھيا آهن ته ايل بي او ڊي کي زيروپوانٽ وٽان ڪٽ ڏنو وڃي. ٻئي طرف ٿرپارڪار جي ڪلوئي، ڪاجھر، ونگي جا سوين ماڻهو سم نالي تي ڪٽ ھڻڻ جي سخت مزاحمت ڪندي، انتظاميا پاران موڪليل مشينون واپس ڪرڻ کانپوءِ ھر وقت سم نالي جي چوڪسي ڪري رھيا آهن. ٻئي پاسي ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو. ارباب لطف الله ڪٽ ڏيڻ جي مخالفت ۽ مير طارق حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي، سردار شاهه ۽ ڄام خان شورو، ارباب لطف الله ۽ مير طارق ۾ ڳالهيون ٿيون پر معاملو حل نه ٿي سگهيو، اهڙي صورتحال سبب مقامي ڳوٺاڻا هٿياربند ٿي بندن تي پهرو ڏئي رهيا آهن. پراڻ ندي کي ايم ايم ڊي 4 آر ڊي وٽان لڳل گھارو  17ڏينھن به ٻڌجي نه سگھيو، پاڻي 5 يونين ڪائونسلون ٻوڙيندو نيٺ پنگريو جي جي وارڊ نمبر 3جي ڳوٺن صادق آرائين درياءَ خان لغاري دو دو ڪنڀار کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنھن کانپوءِ  ضلعي انتظاميا پنگريو جي ھاءِ اسڪول ۽ غريب آباد کي پنگريو باءِ  پاس کان رنگ بند ڏئي شھر ڏانھن ايندڙ پاڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ٻئي پاسي ايل بي او ڊي کي 211 وٽان  قدرتي وھڪري جي بحالي بدران 110آر ڊي وٽان ڪٽ ڏيڻ جي  فيصلي کي پنگريو واسين رد ڪري ڇڏيو آھي.  ڪالهه ڳوٺ دودو ڪنڀر، بدرالدين آرائين، دريا خان لغاري ٻڏي ويا آهن.