ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت اطلاعات کاتي ۾37 آفيسرن جي غير قانوني ڀرتي بابت ٻن سالن جو عرصو گذرڻ باوجود جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي نيب جي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت  پڪي ڪئي وئي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو موقف اختيار ڪيو ته سيد قائم علي شاهه قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، جڏهن ته نيب وڏو عرصو گذرڻ باوجود ريفرنس داخل نه ڪري سگهي آهي. عدالت جاچ آفيسر طرفان ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري جواب طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن نيب ڪورٽ ٻاهران پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته منهنجي دور ۾ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ وقت  اسان اڳواٽ تياري ڪئي هئي، هن ڀيري سرڪاري آفيسرن ڪا به تياري ناهي  ڪئي. هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ لکين ٻوڏ متاثرن تائين راشن ۽ ٻيون سهولتون پهچايون، هاڻوڪي حڪومت به ڪم ڪندي هوندي پر سرڪاري آفيسر ڪم نه پيا ڪن. آفيسرن پاران ڪم نه ڪرڻ سبب متاثرن کي گهٽ رليف ملي رهيو آهي