هالا (رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) هالا ۾ واڍي ڪم تي نه اچڻ تان نينگر کي رسن سان ٻڌي در ۾ ٽنگي ڇڏيو ۽ سخت تشدد ڪيو. طالب ڪالوني هالا ۾ واڍڪي جو هنر سکندڙ نينگر ظاهر عباس کي سندس رشتيدار استاد علاوالدين رياستي بلوچ پاران تشدد جي وڊيو سان خبر نشر ٿيڻ بعد هالا پوليس حرڪت ۾ ايندي ڏهن ڪلاڪن بعد نينگر تي تشدد ڪندڙ استاد علاوالدين کي حراست ۾ وٺندي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، جڏهن ته حراست ۾ ورتل علاؤالدين جي ڀاءُ نورالدين تشدد جو شڪار بڻيل نينگرطاهرعباسي سان گڏ ٿاڻي پهچي ٿاڻي تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته هن پاڻ پنهنجي پٽ ظاهر عباس کي ڪجهه ڏينهن کان دڪان تي وڃڻ بدران بورنگ تي وڃڻ ۽ ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي سندس استاد ۽ ڀاءُ علاوالدين کي مٿس سختي ڪرڻ جو چيو هو ۽ وائرل ٿيل وڊيو بعد هن ٻيهر اهڙي حرڪت نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، جنهن تي هو علاؤ الدين خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪرائڻ جو بيان رڪارڊ ڪرايو، نينگر ۽ سندس والد جي اهڙي بيان بعد پوليس حراست ۾ ورتل استاد علاوالدين رياستي بلوچ کان آئندہ ڪنهن به شاگرد کي تشدد نه ڪرڻ جي لکت وٺڻ بعد کيس آزاد ڪري ڇڏيو.